Navigation
Recent Events
Recent Blog Posts
News
  • Chinese Ambassador calls on the President read more
  • President's addresses concluding session of National Seerat-un-Nabi read more
  • Air Chief calls on the President read more
Subscription
Email

پریس ریلیز

اڄ جو ڏينهن ڪاميابي جو آهي، 10هزار ٻارن کي ان جاءِ تي پهچايو ويندو جتي هو پنهنجو معاشي ذريعو ۽ پنهنجو مستقبل پاڻ بڻائيند

ڪراچي – 07 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪاميابي جو آهي، 10هزار ٻارن کي ان جاءِ تي پهچايو ويندو جتي هو پنهنجو معاشي ذريعو ۽ پنهنجو مستقبل پاڻ بڻائيندا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي شهيدن جي دعائن سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪاميابي ۽ شفافيت سان هلي رهيو آهي، ان ۾ مڪمل نه ته ڪجهه ڪاميابي ضرور ٿي آهي پر ان پروگرام وسيلي هنر حاصل ڪندڙن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، آئينده انهن لاءِ روزگار تلاش ڪنداسين ۽ بي آءِ ايس پي کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 37 کان 41 هين قرعه اندازي ۽ پنج هزار گريجوئيٽ ڪندڙن ۾ سندن ۽ وظفين جي ورڇ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن فرزانه راجا، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ وزير، بي آءِ ايس پي بورڊ جا ميمبر عشرت حسين ۽ شهناز وزير علي سميت ٻيا به موجود هئا، صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروگرام آهي جنهن کي عالمي مالياتي ادارن به تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته اڪثر ٽين دنيا جي پروگرامن کي تسليم ناهي ڪيو ويندو، صدر مملڪت بي آءِ ايس پي جي بورڊ جي ميمبرن کي ٿورو ادا ڪندي چي ته توهان جي محنت ۽ لگن جي ڪري هي انڪم سپورٽ پروگرام صاف ۽ شفاف طريقي سان جاري آهي، صدر آصف علي رزداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي اسان مشهور چيني چوڻي جي مطابق ٻارن کي مڇي کائڻ نه پر جهلڻ سيکاري رهيا آهيون، ان پروگرام ۾ ڪامياب ٿيندڙ هنرمند ٻارن کي صرف هنر سيکاري نه ڇڏيو ويندو پر آئنده انهن جي لاءِ روزگار به تلاش ڪيو ويندو، صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير انڪم  سپورٽ پروگرام شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي شهيدن جي دعائن سان هلي رهيو آهي، صدر چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اسان جي ڪلچر جو حصو آهي جنهن کي آئنده وسعت ڏيندي پارٽي جي منشور ۾ ان جو ذڪر ڪنداسين، صدر چيو ته اسان جي سوچ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ جڏهن انسان جي نيت سٺي هجي ۽ ڪوششون ڪامياب هجن ته هي پروگرام ڪيئن ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي خطاب ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن فرزانه راجا چيو ته وسيله حق پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي مدد سان اڳتي وڌيو آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت پاڪستانيت کي فروغ حاصل ٿيو آهي ۽ هڪٻئي جي مدد سان ئي اسان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهون ٿا، فرزانه راجا چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عوام کان ڪير به پري نٿو ڪري سگهي،  هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سرپرستي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن اڳتي کڻي هلنداسين، چيئرپرسن بي آءِ ايس پي فرزانه راجا ٻڌايو ته وسيله حق پروگرام تحت صرف واعدا ناهن ڪيا ويا پر ڏيڍ لک ماڻهن کي سکيا پڻ ڏني آهي، 10 هزار ماڻهن کي گريجوئيٽ ڏئي روزگار ڏنو، 70 لک خاندانن کي سسٽم ۾ شامل ڪري مدد ڏئي پئي وڃي.


تاریخ پوسٹ: Mon, 07 Jan 2013

مزید پریس ریلیز

Random Video
Polls
surveys & polls