Navigation
Recent Events
Recent Blog Posts
News
  • Chinese Ambassador calls on the President read more
  • President's addresses concluding session of National Seerat-un-Nabi read more
  • Air Chief calls on the President read more
Subscription
Email

پریس ریلیز

صدر آصف علي زرداري پاران جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير قاضي حسين احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد 06 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير قاضي حسين احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس سياسي ۽ مذهبي خدمتن کي ساراهيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته قاضي حسين احمد جو لاڏاڻو مذهبي ۽ ملڪ سياست جو وڏو نقصان آهي، قاضي حسين احمد جي بطور مذهبي اسڪالر ۽ مشهور سياستدان جي طور تي خدمتن کي ساراهيندي صدر چيو ته مرحوم پنهنجي پارٽي جي ٻن ڏهاڪن تائين قيادت پختي عزم سان ڪئي، صدر قاضي حسين احمد سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته سندس عزم ۽ خلوص کان متاثر ٿيو آهي، صدر مملڪت مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.


تاریخ پوسٹ: Mon, 07 Jan 2013

مزید پریس ریلیز

Random Video
Polls
surveys & polls