Navigation
Recent Events
Recent Blog Posts
News
  • Chinese Ambassador calls on the President read more
  • President's addresses concluding session of National Seerat-un-Nabi read more
  • Air Chief calls on the President read more
Subscription
Email

پریس ریلیز

صدر آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، ٻنهي اڳواڻن پاران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي

لنڊن – 03 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ متحده قومي موومنيٽ جي قائد الطاف حسين جي وچ ۾ ڪالهه خميس رات ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي، متحده قومي موومينٽ پاران جاري ڪيل بيان جي مطابق ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ جمهوري نظام جي بقاءُ ۽ تسلسل ضروري آهي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ معاملن کي افهام و تفهيم جي ذريعي حل ڪرڻ ئي وقت جي ضرورت آهي، ان موقعي تي الطاف حسين صدر آصف علي زرداري سان ڳالهائيندي واضح لفظن ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جي اتحادي پارٽي آهي ۽ ان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند پارٽي آهي ۽ هو جمهوري نظام جو تسلسل چاهي ٿي، ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ جي استحڪام ۽ جمهوري نظام جي فروغ لاءِ گڏيل تعاون جاري رهندو.


تاریخ پوسٹ: Thu, 03 Jan 2013

مزید پریس ریلیز

Random Video
Polls
surveys & polls