Navigation
Recent Events
Recent Blog Posts
News
  • Chinese Ambassador calls on the President read more
  • President's addresses concluding session of National Seerat-un-Nabi read more
  • Air Chief calls on the President read more
Subscription
Email

پریس ریلیز

صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي ملاقات

ڪراچي – 03 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ڪالهه خميس ڏينهن هتي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به موجود هو، ملاقات جي دوران ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير صدر کي چهلم جي موقعي تي سيڪورٽي اتنظامن کان آگاهه ڪيو، صدارتي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر ٻڌايو ته ملاقات جي دوران دهشتگردي جي تازن واقعن، انتهاپسندي بشمول 21 ليويز اهلڪارن جي قتل، پوليو ٽيم تي حملو، صوابي ۾ ڪارڪنن تي حملو، مستونگ ۾ بم ڌماڪا ۽ ڪراچي ۾ تازي ڌماڪي جهڙا واقعا به بحث هيٺ آيا جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، ترجمان ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.


تاریخ پوسٹ: Thu, 03 Jan 2013

مزید پریس ریلیز

Random Video
Polls
surveys & polls